ڪراچي(ويب ڊيسڪ)شيامي عالمي سطح تي ريڊمي نوٽ 11 سيريز جا 2 وڌيڪ فون متعارف ڪرايا آهن. ريڊمي 11 پرو 5 جي پلس ۽ ريڊمي نوٽ 11 ايس هڪ تقريب دوران متعارف ڪرايا ويا. 11 پرو پلس هڪ وڌيڪ خاص فون آهي جنهن ۾ 120 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ آهي، جيڪا بيٽري کي مڪمل چارج ٿيڻ ۾ صرف 15 منٽ وٺي ٿي. فون ۾ 6.67 انچ FHD پلس ايمولڊيڊ اسڪرين آهي 120 هز ريفريش ريٽ ۽ 360 هز ٽچ سيمپلنگ سپورٽ سان. فون جي اندر 6 کان 8 GB ريم ۽ 128 کان 256 GB اسٽوريج آهي. هن فون جي خاص ڳالهه ان جي تيز چارجنگ سپورٽ آهي. فون ۾ 4500 ايم ايڇ بيٽري سان گڏ 120 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ آهي. ڪمپني جي دعويٰ آهي ته فون کي صرف 15 منٽن ۾ صفر کان 100 سيڪڙو تائين چارج ڪري سگهجي ٿو. هي فون اپريل ۾ وڪري لاءِ پيس ڪيو ويندو.










