ريپ جي ملزم کي نامرد ڪرڻ وارو قانون غير اسلامي قرار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلامي نظرياتي ڪائونسل (آءِ آءِ سي) ريپ ڪندڙ کي نامرد بڻائڻ واري قانون کي غير اسلامي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. آءِ سي سي جي 225هين ٻن ڏينهن واري اجلاس ۾ چيو ويو ته ڪرمنل لا (ترميمي) آرڊيننس 2020 تحت ريپ ڪندڙ کي نااهل قرار ڏيڻ جو قانون غير اسلامي آهي. اجلاس ۾ تجويز ڏني وئي ته ان بدران متبادل اثرائتيون سزائون تجويز ڪيون وڃن. ياد رهي ته 15 ڊسمبر 2020 تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ريپ ڪندڙ کي نامرد ڪرڻ بابت آرڊيننس جاري ڪيو هو. آرڊيننس موجب جنسي زيادتي جي جوابدارن خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي تيز ڪرڻ ۽ انهن کي جلد کان جلد نبيرڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ خاص عدالتون قائم ڪيون وينديون، جيڪي چئن مهينن ۾ اهڙن ڪيسن کي نمٽائينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو