گجرانولا(ويب ڊيسڪ) پوليس والد کي پيٽرول هاري باهه ڏئي ساڙي مارڻ جي الزام ۾ ٻن نوجوان ڀيڻن کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. اي ايف پي جي رپورٽ موجب گجرانوالا جي پوليس اهلڪار رضوان طارق کين ٻڌايو ته ٻنهي ڀيڻن اقراري بيان ۾ چيو آهي ته سندن والد جون 2 شاديون آهن ۽ هو سندس ماٽيليون ڌيئر آهن. سندن بيان موجب وڏي ڀيڻ سان ماٽيلو والد هڪ سال کان ريپ ڪندو هو ۽ ننڍي ڀيڻ سان 2 ڀيرا ريپ جي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر مزاحمت سبب ڪامياب نه ٿي سگهيو. نوجوان ڇوڪرين جو چوڻ آهي ته سندن والده کي سڄي قصي جي خبر هئي پر هوءَ خاموش رهي. جنهن بعد ٻنهي ڀينرن والد کان انتقام جو منصوبو ٺاهيو جيڪو والده کي به نه ٻڌايو. پهرين جنوري تي سندن والد ننڊ پيو هو ته ٻنهي ڀينرن مٿس پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي، جنهن سبب هو سڙي فوت ٿي ويو. پوليس اڱاري تي ڇوڪرين کي گرفتار ڪيو آهي ۽ سندن والده کان به پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.










