اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ ريويو آف ججز اينڊ آرڊرز ايڪٽ 2023 تي عملدرآمد جو گزٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. صدر جمعي ڏينهن نئين قانون جي منظوري ڏئي ڇڏي، هاڻ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ جهانگير ترين، جيڪي ماضي ۾ 184/3 تحت نااهل قرار ڏنا ويا هئا، انهن کي اپيل جو حق حاصل آهي.نئين قانون تحت 184/3 تحت آيل فيصلن تي نظرثاني اپيلون 60 ڏينهن اندر داخل ڪري سگهجن ٿيون.نئين قانون موجب اپيل تي فيصلو ٻڌندڙ بينچ کان وڏي بينچ ڪندي.نئين قانون تحت، نظرثاني جي درخواست جو دائرو هاڻي اپيل جي برابر هوندو.ماضي ۾ نظرثاني درخواستن جي ٻڌڻي اها ئي بينچ ڪندي هئي جيڪا فيصلو ٻڌائيندي هئي.










