رينجرز جي ڪارروائي، ملوث شير گينگ جا 3 جوابدار گرفتار

رينجرز جي ڪارروائي، ملوث شير گينگ جا 3 جوابدار گرفتار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان رينجرز سنڌ ڪراچي جي سهراب ڳوٺ حسن نعمان ڪالوني علائقي ۾ ڦر ۽ اسٽريٽ ڪرائم جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث “شير گينگ” جي 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.رينجرز سنڌ جي ترجمان موجب، جوابدارن ۾ گينگ جو سرغنه شير علي، حيات الله ۽ رياض خان شامل آهن، جڏهن ته جوابدارن کان چوري ٿيل موٽرسائيڪلون، موبائل فون ۽ نقدي هٿ ڪئي وئي آهي.هن چيو ته جوابدار گبول ٽائون، انڊسٽريل ايريا، سهراب ڳوٺ ۽ آس پاس جي علائقن ۾ ڦر، اسٽريٽ ڪرائم، موبائل اسنيچنگ ۽ موٽرسائيڪل چوري جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث آهن. جوابدار شير علي خلاف سهراب ڳوٺ پوليس اسٽيشن ۾ ايف آءِ آر پڻ درج ڪئي وئي آهي.رينجرز سنڌ جي ترجمان وڌيڪ چيو ته جوابدارن گبول ٽائون ۾ موٽرسائيڪل چوري ڪئي هئي، جيڪا سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو