رياست عمران کي دشمن قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو: زلمي خليل

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)افغانستان لاءِ اڳوڻي آمريڪي خاص نمائندي زلمي خليل زاد پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي حق ۾ هڪ ٻيو بيان ڏئي ڇڏيو.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ زلمي خليل زاد چيو ته لڳي ٿو حڪومت عمران خان کي رياست جو پهريون دشمن قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اهڙي عمل سان پاڪستان جو سياسي، معاشي ۽ سيڪيورٽي بحران وڌيڪ گهرو ٿيندو.هن وڌيڪ چيو ته اهڙا اشارا ملي سگهن ٿا ته پارليامينٽ سپريم ڪورٽ کي عمران خان کي نااهل قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪري سگهي ٿي، ان سان عالمي سهڪار ۾ گهٽتائي ايندي، ڪجهه ملڪ اڳ ۾ ئي سيڙپڪاري جا منصوبا معطل ڪري چڪا آهن، آءِ ايم ايف جي سهڪار تي اڃا به شڪ آهي.ان کان اڳ پرڏيهي آفيس زلمي خليل جي پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت تي سخت رد عمل ظاهر ڪيو هو. ترجمان چيو ته پاڪستان کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪنهن جي صلاح جي ضرورت ناهي، پرعزم قوم ئي موجوده مشڪل صورتحال مان مضبوطيءَ سان نڪرندي.واضح رهي ته زلمي خليل زاد 2018 کان 2021 تائين افغان امن عمل لاءِ آمريڪي صدر جو خاص نمائندو رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو