روھڙي (ن س) روهڙي ۾ برسات دوران گهر جي ڀت ڪرڻ سبب ٽي ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن جڏهن تہ ٻہ ٻارڙا زخمي ٿي پيا روھڙي جي علائقي ٽنڊو ٻوراھ واري علائقي ۾ تيز برسات پوڻ سبب ابڙا برادري سان تعلق رکندڙ پنج معصوم ٻارڙا ڀت جي اوٽ بيهي رهيا تہ ڀت ڌماڪي سان ڪري پئي مقامي ماڻهن ڀت جي ملبي هيٺيان دٻيل ٻارڙن کي ٻاهر ڪڍي ورتو ۽ زخمي حالت ۾ روھڙي تعلقي اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جا سور نہ سهندي ٽن ٻارڙن خالد محمود ابڙو، شاهزيب ۽ در محمد ابڙو فوت ٿي ويا جڏهن تہ ٻن زخمي ٻارڙن غلام مرتضي ۽ سيف الله کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر سول اسپتال ريفر ڪيو ويو آهي هوڏانهن ٻارڙن جا لاش گهر پهچڻ تي ڪھرام متل آهي










