ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پرتگال جي ٽاپ ورلڊ فٽبالر ڪرسٽيانو رونالدو آئر لينڊ خلاف ورلڊ ڪپ ڪواليفائنگ ميچ جي آخري وقت ۾ مٿي سان 2 گول ڪري دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ گول ڪرڻ جو رڪارڊ ٺاهي ڇڏيو آهي. اڳ ۾ سڀني کان وڌيڪ گول ڪرڻ جو رڪارڊ ايراني رانديگر علي داعي جو هو جنهن 1993 کان 2006 جي وچ ۾ 109 گول ڪيا هئا. 36 سالن جي ڪرسٽيانو سندس رڪارڊ 2020 ۾ يورو ڪپ ۾ فرانس خلاف گول ڪري رڪارڊ برابر ڪيو هو ۽ آئرلينڊ خلاف 2 گول ڪري دنيا ۾ 111 گول ڪندڙ پهريون رانديگر بڻجي ويو آهي. هن سرجيو راموس جي 180 ميچ کيڏڻ جو رڪارڊ به برابر ڪيو آهي. وڌ کان وڌ ميچز ۾ شرڪت جو عالمي رڪارڊ ملائيشيا جي سوهه چن اين جو آهي جنهن پنهنجي ملڪ جي 195 ميچز ۾ 1969 کان 1984 دوران نمائندگي ڪئي. رونالڊو جي نظر هن واحد ورلڊ رڪارڊ تي آهي پر ان لاءِ پنهنجي ملڪ طرفان 16 ميچز ۾ نمائندگي ڪرڻي پوندي.










