رولو ڪتن جو آزار، انتظاميه بي پرواهه ، شهري پريشان

رولو ڪتن جو آزار، انتظاميه بي پرواهه ، شهري پريشان

روھڙي (ن سنڌيار)علي واھڻ ۾ انتظاميا جي غفلت ۽ لاپرواهي سبب رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي. گهڻ آبادي واري محلن سميت راندين جي ميدانن، قبرستانن ۽ اسڪولن ويجهو رولو ڪتن جي آزار سبب اسڪولي ٻار پريشان رهن ٿا. خريداري لاءِ گهرن کان ٻاهر نڪرندڙ عورتون ۽ ٻار هر هنڌ ڪتن جي موجودگي ۽ انهن جي حملي جي خوف واري پريشاني ۾ مبتلا آهن علي واھڻ جي علائقي واسين تعلقي انتظاميا کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته علي واھڻ مان رولو ڪتن جي ڀرمار جو نوٽيس وٺندي ڪتا مار مهم شروع ڪري علائقي واسين ۾ موجود پريشاني جو خاتمو آڻيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو