رواداري مارچ ۾ عورتن جي تذليل 9 پوليس اهلڪار معطل

رواداري مارچ ۾ عورتن جي تذليل 9 پوليس اهلڪار معطل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ رواداري مارچ ۾ شريڪ عورتن جي تذليل ڪرڻ تي ايس ايڇ او عيد گاهه ۽ 8 ليڊي پوليس ڪانسٽيبلز کي معطل ڪري سندن خلاف محڪماڻي ڪاروائي شروع ڪئي وئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب ايس ايڇ او عيد گاهه انسپيڪٽر ظهير احمد خان کي نامناسب رويي سبب ايس ايس پي سائوٿ معطل ڪري جانچ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. جڏهن ته هڪ هيڊ ڪانسٽيبل محمد عفان ۽ سپاهي سيد امين ۽ 6 ليڊي پوليس ڪانسٽيبلز ۾ نائلا رحمان، بي بي مريم، عائشه رحمان، مصباح رشيد، بي بي آمنه ۽ حنا گل شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو