رهڙڪي درٻار جو گادي نشين سنت ساڌ رام ديهانت ڪري ويو

رهڙڪي درٻار جو گادي نشين سنت ساڌ رام ديهانت ڪري ويو

ميرپورماٿيلو :(ن س) رهڙڪي درٻار جو گادي نشين ۽ هندن جو روحاني پيشوا سنت ساڌ رام ڊگهي عرصي جي بيماري بعد ديهانت ڪري ويو۔ گهوٽڪي ميرپور ماٿيلو ڏهرڪي خانپورمھر جي هندو برادري سنت ساڌ رام جي وڇوڙي تي ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو آهي، سنت ساڌ رام جي وڇوڙي تي سموري سنڌ توڙي ملڪ ۾ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي.هندن جو روحاني پيشوا سنت ساڌ رام ڪافي وقت کان جگر جي بيماري ۾ مبتلا هو جيڪو اڄ سنگاپور جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سنت ساڌ رام جو مڙھ ايئر ايمبولنس ذريعي ڪراچي آندو پيو وڃي جنھن بعد سندس مڙھ گھوٽڪي آندو ويندو ۽ آخري رسمون ادا ڪيون وينديون سنت ساڌ رام جي وڇوڙي جو ٻڌندي ئي گھوٽڪي، خانپورمھر، ڏهرڪي، ميرپور ماٿيلو سميت سنڌ جي مختلف شهرن مان هندو برادري وڏي تعداد ۾ پھتل آهي ۽ سوڳوار ماحول ڇانيل آهي. سنت ساڌ رام جي وڇوڙي تي پ پ ايم اين اي سردار علي گوهر خان مھر ضلعي چيئرمين مير بنگل خان مهر حاجي خان مهر پاران رهڙڪي درٻار جي گادي نشين سنت ساڌ رام جي وڇوڙي تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ سنت ساڌ رام جي پوئينرن سان دلي تعزيت ڪندي هنن چيو ته سنت ساڌ رام هڪ بهترين ۽ باوقار شخصيت هئا جنهن جي وڇوڙي سان وڏو خال پيدا ٿيو آهي.

سُکديو هيمناني پاران سنت سائين ساد رام صاحب جي لاڏاڻي تي دلي افسوس ۽ گهري ڏک جو اظهار
سنڌ حڪومت جي ترجمان سُکديو هيمناني هندو برادري جي نامياري روحاني پيشوا سنت سائين ساد رام صاحب جي لاڏاڻي تي دلي افسوس ۽ گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سندن وفات نه صرف هندو برادري پر سڄي ملڪ لاءِ وڏو نقصان آهي۔ هن چيو ته سنت سائين ساد رام صاحب محبت، رواداري، انسان دوستي ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي علامت هئا۔ سُکديو هيمناني چيو ته سنت سائين سدھرام صاحب پنهنجي سڄي زندگي انسانيت جي خدمت، ڀائيچاري، فلاحي ڪمن ۽ سماجي هم آهنگي جي واڌاري لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي۔ سندن تعليمات ۽ خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون۔ هن چيو ته سنڌ هميشه کان مختلف مذهبن ۽ ثقافتن وچ ۾ محبت، امن ۽احترام جي سرزمين رهي آهي، ۽ سنت سائين سدھرام صاحب جهڙا اڳواڻ هن روايت کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن۔ سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته هن ڏکئي گهڙي ۾ سنڌ حڪومت هندو برادري سان گڏ بيٺل آهي ۽ مرحوم جي وارثن، عقيدتمندن ۽ سمورن سوڳوارن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿي۔ سُکديو هيمناني چيو ته سنت سائين سدھرام صاحب جو لاڏاڻو انسانيت، امن ۽ خدمت جي جذبي سان وابسته هر فرد لاءِ وڏو صدمو آهي۔ هن مرحوم جي وارثن ۽ عقيدتمندن لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي۔

شام سندر آڏواڻي پاران سنتِ سائين سادھرام صاحب جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار
پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ۽ اقليتي معاملن بابت سنڌ جي وڏي وزير جي خاص مددگار ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي سنت سترام ڌام پوڄ رهڙڪي صاحب جي گادي نشين ۽ هندو برادري جي روحاني پيشوا، سنتِ سائين سادھرام صاحب جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي چيو ته سنت سائين سادھرام صاحب هڪ عظيم روحاني شخصيت هئا، جن هميشہ پيار، امن، ڀائيچاري ۽ انسانيت جو سبق سيکاريو. سندس وفات سان هندو برادري هڪ عظيم روحاني پيشوا کان محروم ٿي وئي آهي، هن چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ هو سنت پريوار ۽ ايس ايس ڊي سيوڪ جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. سچا سائين اسان سڀني کي هن صدمي کي برداشت ڪرڻ جي همت ۽ حوصلو ڏئي.

شرجيل ميمڻ پاران رهڙڪي درٻار جي گدي نشين سائين ساڌرام جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ رهڙڪي درٻار جي گدي نشين سائين ساڌرام جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ هندو برادري، مرحوم جي عقيدتمندن ۽ وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ هو هندو برادري، سائين ساڌرام جي عقيدتمندن ۽ پونئيرن سان برابر جو شريڪ آهي. هن چيو ته سائين ساڌرام بين المذاهب هم آهنگي، امن، محبت ۽ انسان دوستي جي علامت هئا. شرجيل انعام ميمن موجب، سائين ساڌرام رواداري، ڀائيچاري ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته سائين ساڌرام جو لاڏاڻو نه رڳو هندو برادري پر سنڌ جي سمورن امن پسند ماڻهن لاءِ وڏو نقصان آهي. سندس چوڻ هو ته سائين ساڌرام پنهنجي سڄي زندگي مذهبي رواداري، امن ۽ انسانيت جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي، جنهن کي هميشه ياد رکيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو