ممبئي (ويب ڊيسڪ)شادي ۾ شرڪت لاءِ آيل مهمانن جي لسٽ هاڻي ان ڳالهه جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ سامهون آئي آهي ته بالي ووڊ اسٽار عاليا ڀٽ ۽ رنبير ڪپور هن مهيني شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا آهن.ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته رنبير ڪپور ۽ عاليا ڀٽ جي شادي 13 کان 17 اپريل تائين ممبئي ۾ ٿي رهي آهي جنهن لاءِ مهمانن جي لسٽ به تيار ڪئي وئي آهي.انڊيا ٽو جي ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته رنبير ۽ عاليا جي شادي ۾ بالي ووڊ ڪنگ خان شاهه رخ خان، هدايتڪار ڪرن جوهر، سنجي ليلا ڀنسالي، زويا اختر، ڊزائنر مسابا گپتا، ورون ڌون، سندس ڀاءُ روهت ڌون ۽ ايان مکھرجي شرڪت ڪئي. منيش ملهوترا، اڪانشا رنجن ۽ انوشڪا رنجن کي دعوت ڏني وئي آهي.










