رليف، بنيادي سهولتون ۽ فلاحي منصوبا اولين ترجيح آهن

رليف، بنيادي سهولتون ۽ فلاحي منصوبا اولين ترجيح آهن

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي بلديات واري وزير ۽ ڪابينا جي سب ڪميٽي براءِ فنانس جي چيئرمين سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري فنانس، سيڪريٽري جنرل ايڊمنسٽريشن سميت مختلف کاتن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي۔اجلاس ۾ صوبي ۾ جاري مالي، انتظامي ۽ ترقياتي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو۔ مختلف سرڪاري ادارن کي پيش ايندڙ مالي مسئلن، فنڊن جي فراهمي ۽ ترقياتي اسڪيمن جي اڳڀرائي تي پڻ غور ڪيو ويو۔گذريل اجلاسَن ۾ ملتوي ٿيل مالي ۽ انتظامي معاملن جو به تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ لاڳاپيل عملدارن کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪئي وئي۔سنڌ جي بلديات واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت عوامي رليف، بنيادي سهولتن ۽ فلاحي منصوبن کي اولين ترجيح ڏئي رهي آهي، جڏهن ته ترقياتي منصوبن جي وقت سر تڪميل لاءِ سمورا موجود وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن۔هن هدايت ڪئي ته فنڊن جي شفاف استعمال، مالي نظم و ضبط ۽ ترقياتي اسڪيمن جي مؤثر نگراني کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي ته جيئن عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪري سگهجن۔اجلاس ۾ آبپاشي کاتي پاران پيش ڪيل مختلف ترقياتي ۽ مالي تجويزن جو به تفصيلي جائزو ورتو ويو، جڏهن ته قانوني گهرجون ۽ ضابطا مڪمل ڪندڙ ڪيترين ئي تجويزن جي منظوري ڏني وئي۔اهي تجويزون، جن ۾ قانوني ۽ انتظامي گهرجون مڪمل نه ڪيون ويون هيون، وڌيڪ جاچ ۽ ضروري ڪارروائي لاءِ ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪيون ويون۔سيد ناصر حسين شاهه چيو ته عوامي مفاد وارن سڀني منصوبن ۾ شفافيت، رفتار ۽ معيار تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، جڏهن ته لاڳاپيل کاتا ترقياتي اسڪيمن جي وقت سر مڪمل ٿيڻ ۽ وسيلن جي مؤثر استعمال کي يقيني بڻائين۔اجلاس ۾ صوبي ڀر ۾ جاري ترقياتي منصوبن لاءِ مالي وسيلن جي دستيابي، ترجيحن جي تعين ۽ مختلف کاتن جي وچ ۾ رابطي کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ تي پڻ خيال ونڊيو ويو۔ان موقعي تي سنڌ جي بلديات واري وزير چيو ته سنڌ حڪومت عوامي ڀلائي ۽ بهبود وارن منصوبن کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي ۽ سڀني ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ترقياتي عمل ۾ شفافيت ۽ ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائين۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو