رسول بخش چانڊيو جي کلي ڪچهري، شڪايتن جا انبار

رسول بخش چانڊيو جي کلي ڪچهري، شڪايتن جا انبار

ٽنڊوباگو(رپورٽ رفاقت جروار)وزير اعلي سنڌ جي بحالي ۽ رليف واري صوبائي صلاحڪار حاجي رسول بخش چانڊيو جي کليل ڪچهري ۾ ٽنڊوباگو واسين شڪايتن جا دفتر کولي ڇڏيا. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر بدين سميت سمورن کاتن جا لاڳاپيل آفيسر موجود هئا. جيوت رام لوهاڻو وڪيل چيو ته ٽنڊوباگو جي تعلقه اسپتال وارو روڊ تباہ ٿيل آهي. شهر ۾ مين گٽر نالن جي صفائي نٿي ڪرائي وڃي. رضوان ڪمبو چيو ته شادي شمال واهه جي ٽيل جا واٽر ڪورس ٽٽل آهن. پاڻي جي کوٽ سبب هن سال چيٽي مند جا فضل پوکي نه سگهيا آهيون. پ پ ڪارڪن محمد خان انڙ چيو ته يونين ڪائونسلن جي فنڊن مان يوسي اولياء خان شاہه ۾ هڪ نلڪو به نه ڏنو ويو آهي نه ئي ڪا بائونڊري ملي آهي. رستا نه هجڻ ڪري ڳورهاري عورتون رستن تي ٻار ڄڻي رهيون آهن. هڪ سال کان وٺي پنگريو کان خليفو قاسم تائين 150 ڳوٺن جي بجلي ڪٽي پئي آهي. ابراهيم ميمڻ، سعيد خان جمالي، ناٿو چانڊيو ۽ ٻين چيو ته اسان جي ڳوٺن ۾ اسڪولن جون عمارتون زبون آهن جن جي مرمت ڪرائي اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ ختم ڪئي وڃي.

سيد جمن شاھ چيو ته ٽنڊوباگو شهر ۾ چورين جو آزار وڌي ويو آهي جنهن ڪري هن ايس ايڇ او کي بدلي ڪري سٺو ايس ايڇ او مقرر ڪيو وڃي. ڪپيل ديو لوهاڻو چيو ته ڪيتري وقت کان ٽائون ڪميٽي ٽنڊوباگو جي فائر برگيڊ گاڏي جا ٽائر ختم ٿي وڃڻ ڪري سرن تي بيٺل آهي ان جا ٽائر وٺي ان کي هلايو وڃي. عرفان مهدي خواجه چيو ته شهر ۾ مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، جنهن ڪري شهر ۾ اسپري ڪرايو وڃي ۽ تعلقه اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ ختم ڪئي وڃي. اسلم ڪمبوه چيو ته پاڻي جي چوري بند ڪرائي وڃي، کوسڪي شاخ جي 27 آر ڊي کان اڳيان شاخ جي کاٽي ڪرائي وڃي. نويد منگواڻو چيو ته 16 ايل سم نالي جي کانٽي ڪرائي وڃي. ڊاڪٽر پنهون ڪولھي چيو ته ڪولهين جي قبرستان تي قبضو ختم ڪرايو وڃي. پ پ ڪارڪن جڳو ميگهواڙ چيو ته آئون 30 سالن کان پ پ ۾ آهيان پر سدائين اسان کي نوڪرين ۾ نظر انداز ڪيو ويو آهي. پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري انور عباسي چيو ته ٽنڊوباگو پريس ڪلب کي ستن اٺن سالن کان ضلعي ڪائونسل ۽ ٽائون ڪميٽي کان گرانٽ نه ملي آهي. پريس ڪلب جي عمارت زبون ٿي وئي آهي ان جي سرڪاري طور تي مرمت ڪرائي گرانٽ جاري ڪئي وڃي. ان کان سواءِ ڪيترن ماڻھن اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ، اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ ۽ يونين ڪائونسلن ۽ ٽائون ڪميٽين جا فنڊ صحيح نموني استعمال ڪرڻ جون شڪايتون ڪيون. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاهنواز خطاب ڪندي چيو ته ٽنڊوباگو پنگريو ۽ کوسڪي کي آئل ۽ گئس جي فنڊن مان خرچ ڪري ماڊل شهر بنايو ويندو. ٽنڊوباگو سميت اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ ختم ڪئي ويندي. تعلقه جي ماڻهن کي صحت ۽ تعليم جون سهولتون ڏنيون وينديون. آخر ۾ صوبائي صلاحڪار حاجي رسول بخش چانڊيو کلي ڪچهري کي خطاب ڪندي چيو ته هتي جيڪي به لاڳاپيل آفيسر موجود آهن انهن کي هدايت ٿو ڪريان ته مليل شڪايتن تي فوري طور ماڻهن جا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن. هن ماڻهن کي يقين ڏياريو ته اسان جي حڪومت جو مين مقصد آهي ته عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن چيو ته هڪ کان چار اسڪيل جون نوڪريون ميرٽ تي ڏنيون وينديون. ٽائون ڪميٽي ملازمن پاران سندن پگهارن مان ڪٽوتي ٿيڻ خلاف صوبائي صلاحڪار رسول بخش چانڊيو ۽ ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاهنواز اڳيان کليل ڪچهري ۾ اسٽيج تي چڙهي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هنن صوبائي صلاحڪار رسول بخش چانڊيو ۽ ڊپٽي ڪمشنر بدين کي ٽائون ڪميٽي ٽنڊوباگو جي ايمپلائز يونين جي صدر سخاوت بلوچ ۽ صفائي واري عملي جي عورتن ۽ مردن سندن پگهارن مان هر مهيني 3 کان 14 هزار روپيا ڪٽوتي ڪرڻ جي شڪايت ڪئي. هنن گهر ڪئي ته سندن پگهارن مان ڪٽوتي ڪيل رقم واپس ڪرائي وڃي. جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاهنواز ملازمن کي يقين ڏياريو ته آئينده لاءِ سندن پگهارن مان هڪ رپيو به نه ڪٽيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو