رحيم يار خان: انعام يافته ڌاڙيل پاران ساٿين سميت هٿيار ڦٽا

رحيم يار خان: انعام يافته ڌاڙيل پاران ساٿين سميت هٿيار ڦٽا

رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ)راجن پور ۾ آپريشن دوران، رحيم يار خان جي ٻن وڏن ڌاڙيلن، تنوير انڍهڙ ۽ ظفري جهبيل پڻ پوليس آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا.تنوير انڍهڙ لاءِ 10 ملين رپين جو انعام مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته ظفري جهبيل لاءِ 5 ملين رپين جو انعام مقرر ڪيو ويو.ڊي پي او رحيم يار خان عرفان سمون نواز آباد پوليس اسٽيشن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪچي ۾ هاڻي ڪو به منظم گينگ ناهي، رحيم يار خان ۾ هٿيار ڦٽا ڪندڙ ماڻهن جو ڪل تعداد 229 هو. آپريشن ۾ هاڻي تائين 69 ڌاڙيل مارجي ويا آهن، جڏهن ته 97 ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا آهن، پوليس ۽ ڪچي جي ڌاڙيلن جي وچ ۾ جنگ ۾ 52 پوليس اهلڪار پنهنجيون جانيون وڃائي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو