راڻا ثناءُ الله نواز شريف کان اهم ٽاسڪ وٺي وطن واپس پهچي ويو

راڻا ثناءُ الله نواز شريف کان اهم ٽاسڪ وٺي وطن واپس پهچي ويو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)گهرو وزير راڻا ثناءُ الله لنڊن مان وطن واپس پهچي ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته راڻا ثناءُ الله خانگي اڏام ذريعي اسلام آباد پهتو، ذريعن موجب راڻا ثناءُ الله 2 هفتا لنڊن ۾ رهيو، جنهن ۾ مسلم ليگ ن جي سربراهه نواز شريف سان صلاح مشورا ڪيا ويا، ملاقات ۾ پنجاب جي سياسي صورتحال ۽ پارٽي کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف راڻا ثناءُ الله کي اهم ٽاسڪ پڻ ڏئي ڇڏيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو