راڻا ثناءُ الله جي گاڏي تي جوتو اُڇلايو ويو،وڊيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي گاڏي تي جوتو اُڇلايو ويو آهي.راڻا ثناءُ الله سان اِهو واقعو پنجاب اسيمبلي اڪلاس کانپوءِ واپس ويندي پيش آيو آهي. وفاقي گهرو زوير جي گاڏي تي اڻڄاتل همراهه طرفان جوتو اُڇلايو ويو جيڪو گاڏي جي ونڊ اسڪرين تي لڳو.راڻا ثناءُ الله گاڏي جي فرنٽ سيٽ تي ويٺو هو، ڊرائيور گاڏي جي اسپيڊ گهٽائي ۽ پوءِ اڳتي وڌي ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته جوتو مبينا طور پي ٽي آءِ ايم پي اي راشد حفيظ جي ڊرائيور اُڇلايو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو