اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف راول چوڪ فلائي اوور جي تعمير ۾ دير جي فوري جاچ جو حڪم ڏيندي منصوبي کي پهرين سيپٽمبر تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.وزيراعظم شهباز شريف صبح سوير راول چوڪ فلائي اوور جو دورو ڪيو ۽ ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو، هن منصوبي ۾ دير جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ عملدارن کان سوال به پڇيا. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته نااهلي سبب ڪمپني بليڪ لسٽ ڇو نه ڪئي وئي؟ معيار تي ڪو به سمجهوتو برداشت نه ڪنداسين، فلائي اوور 6 مهينن ۾ مڪمل ڪيو وڃي.شهباز شريف چيو ته لاهور جي رٿائن ۾ اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي، هڪ ٻئي کان سکڻ گهرجي.
مشهور خبرون










