اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) راڻا ثناءُ الله عراق جي دوري دوران مليل قيمتي تحفا توشه خانه ۾ جمع ڪرايا.گهرو وزارت جي ترجمان موجب تحفن ۾ هڪ قيمتي پستول ۽ هڪ موبائل فون شامل آهي.اهي تحفا عراق جي گهرو وزير عبدالامير الشمري خير سگالي جي اشاري طور ڏنا.ان حوالي سان گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته تحفا ملڪ ۽ قوم جي امانت آهن، ان ڪري اهي قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا ويا آهن.










