رام مندر واپس وٺي سگهون ٿا ته سنڌ ڇو نٿا وٺي سگهون؟ يوگي

رام مندر واپس وٺي سگهون ٿا ته سنڌ ڇو نٿا وٺي سگهون؟ يوگي

لکنو(ويب ڊيسڪ) اتر پرديش جي وڏي وزير يوگي ادتياناٿ چيو آهي ته 500 سال پراڻو رام مندر (شري رام جنم ڀومي)واپس وٺي سگهون ٿا ته سنڌ به واپس وٺي سگهون ٿا. اهڙو اظهار هن سنڌي ڪائونسل آف انڊيا جي ٻن ڏينهن واري گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. اتر پرديش حڪومت واران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هن جڏهن سنڌ کي ڀارت ۾ شامل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ته پنڊال تاڙين سان گونجي پيو. اين ڊي ٽي وي جي رپورٽ مموجب هن چيو ته پارٽيشن دوران جيڪي تڪليفون ۽ مصيبتون سنڌي هندن ڏٺيون هو پنهنجي نئين نسل کي ان بابت ٻڌائين ٿا. هن وڌيڪ چيو ته سنڌي وڏا محنتي آهن هنن زيرو کان محنت ڪري ٽاپ پوزيشن حاصل ڪئي آهي. يوگي چيو ته هندوستان جو ورهاڱو هڪ ماڻهو جي ضد سبب ٿيو ۽ اسين ايوڌيا ۾ رام جي جنم ڀومي 500 سالن بعد واپس وٺي سگهون ته سنڌ ڇو نٿا واپس وٺي سگهون؟

پهنجو تبصرو موڪليو