راجر فيڊرر کي ريٽائرمينٽ جون مبارڪون، بابر اعظم

راجر فيڊرر کي ريٽائرمينٽ جون مبارڪون، بابر اعظم

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم به ٽينس رانديگر راجر فيڊرر جي رٽائرمينٽ تي رد عمل ظاهر ڪيو آهي.بابر اعظم سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي راجر فيڊرر کي خراج تحسين پيش ڪندي لکيو ته اوهان عظيم شخصيت ۽ ليجنڊ آهيو، رٽائرمينٽ مبارڪ هجي.بابر اعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ راجر فيڊرر جي تصوير به شيئر ڪئي آهي.ان کان اڳ ڀارتي بيٽسمين ويرات ڪوهلي به راجر فيڊرر جي رٽائرمينٽ جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي پيغام جاري ڪيو هو.واضح رهي ته گذريل ڏينهن ٽينس جي دنيا تي راڄ ڪندڙ 41 سالن جي راجر فيڊرر نم اکين سان ٽينس کي الوداع چئي ڇڏيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو