ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن پاران ڇنڇر ڏينهن نشانِ پاڪستان، سي ويو ڪلفٽن تي “معرڪہ حق” جي پهرين سالگرهه ملهائڻ ۽ پاڪستان جي مسلح فوج، شهيدن ۽ قومي دفاعي ادارن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ هڪ عظيم الشان عوامي جشن جو اهتمام ڪيو ويو. ان تقريب ۾ هزارين شهرين، پارٽي ڪارڪنن، چونڊيل نمائندن، عورتن ۽ خاندانن شرڪت ڪئي، جنهن سي ويو کي حب الوطني، قومي نغمن، آتش بازي، ليزر لائٽ شوز ۽ ملڪ جي نامور فنڪارن جي ثقافتي پرفارمنس ذريعي هڪ رنگين منظر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. پي پي پي جي سينيئر اڳواڻن بشمول سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، جنرل سيڪريٽري سينيٽر وقار مهدي، صدر ڪراچي ڊويزن ۽ صوبائي وزير سعيد غني، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن، سينيٽرن ۽ پارٽي عهديدارن قومي ۽ پارٽي جهنڊا لهرائيندڙ حامين جي وڏي انگ سان گڏ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هيءَ تقريب رڳو هڪ سالگرهه جو جشن ناهي پر هڪ قومي تهوار آهي جيڪو پاڪستان جي جرئت، اتحاد ۽ ناقابل تسخير دفاعي صلاحيت جي علامت آهي. پي پي پي اڳواڻن پاڪ فوج، پاڪ بحريه ۽ پاڪ فضائيه سان گڏ انهن شهيدن کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو جن مادر وطن جي تحفظ لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو ڏنو. هنن چيو ته پاڪستان جي مضبوط دفاعي صلاحيت ۽ اسٽريٽجڪ ڊيٽرنس ڏهاڪن جي قربانين، ويزن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت جي جرئتمندانه فيصلن جو نتيجو آهي. ملڪ جي ايٽمي پروگرام جو حوالو ڏيندي وڏي وزير ياد ڏياريو ته سقوطِ ڍاڪا کانپوءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سائنسدانن ۽ قومي ماهرن جو تاريخي ملتان اجلاس گهرائي پاڪستان جي اٽمي صلاحيت جو بنياد رکيو هو. هن چيو ته سخت عالمي دٻاءُ ۽ پابندين جي باوجود شهيد ڀٽو مخالف علائقائي ماحول ۾ ملڪ جي بقا ۽ خودمختياري کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي اٽمي پروگرام کي شروع ڪرڻ جو تاريخي فيصلو ڪيو. مقررن چيو اڄ جيڪڏهن پاڪستان هڪ اٽمي طاقت طور بيٺو آهي ۽ دشمن اسان جي ملڪ تي ميري اک وجهڻ کان اڳ سو ڀيرا سوچي ٿو، ته اها شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ويزن، جرئت ۽ قومي عزم جي بدولت آهي. مراد شاهه پاڪستان جي ميزائل پروگرام کي مضبوط بڻائڻ ۽ ملڪ جي دفاعي صلاحيتن کي جديد بڻائڻ ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڪردار تي به روشني وڌي. وڏي وزير چيو ته بينظير ڀٽو سمجهندي هئي ته ايٽمي صلاحيت هڪ اثرائتي ڊليوري سسٽم کانسواءِ اڌوري آهي، ان ڪري هن پاڪستان جي ميزائل ٽيڪنالاجي کي اڳتي وڌائڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي ميزائل صلاحيت اڄ خطي ۾ اسٽريٽجڪ توازن طور ڪم ڪري رهي آهي ۽ اها بينظير ڀٽو جي ورثي جو هڪ مستقل حصو آهي. مراد علي شاهه چيو ته پي پي پي هميشه سياست کان مٿانهون ٿي قومي سلامتي کي اوليت ڏني آهي ۽ جڏهن به ملڪ کي ٻاهرين خطرن جو منهن ڏسڻو پيو، پارٽي مسلح فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي آهي. هن صدر آصف علي زرداري جي چين ۾ پاڪ بحريه لاءِ پهرين هنگور ڪلاس آبدوز جي لانچنگ تقريب ۾ تازي شرڪت جو به حوالو ڏنو، ۽ ان کي بحري دفاعي صلاحيتن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو عڪاس قرار ڏنو. وڏي وزير عالمي فورمن، عالمي ميڊيا ۽ سفارتي محاذن تي پاڪستان جو ڪيس ڀرپور نموني پيش ڪرڻ تي پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي تعريف ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري مسلسل اهو پيغام ڏنو آهي ته پاڪستان پنهنجي دفاع، خودمختياري ۽ قومي وقار تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪندو. هن زور ڀريو ته “معرڪہ حق” هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان جي طاقت رڳو هٿيارن ۾ نه پر نظريي، اتحاد، قرباني ۽ اجتماعي قومي عزم ۾ آهي. پي پي پي ڪراچي ڊويزن جي سعيد غني ۽ سندس ٽيم عورتن ۽ خاندانن لاءِ خاص انتظام ڪيا هئا، جنهن ۾ عوامي شرڪت کي آسان بڻائڻ لاءِ مخصوص انڪلوژرز ۽ پارڪنگ جون الڳ سهولتون شامل هيون. تقريب جو پڄاڻي آتش بازي ۽ ماڻهن جي ڀرپور شرڪت سان “پاڪستان پيپلز پارٽي زنده آباد”، “پاڪ مسلح فوجون زنده آباد” ۽ “پاڪستان پائنده آباد” جي پرجوش نعري سان ٿي.










