اسلام آباد)بيورو رپورٽ) وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته دهشتگرد ڪنهن جا ڀائر ناهن، اڄ انهن کي ناراض ڀائر چوڻ وارو ڪٿي آهي؟اسلام آباد ۾ پنهنجي هڪ بيان ۾ شازيه مري چيو ته عمران نيازي جي دهشتگردي دوست پاليسيءَ جا نتيجا اڄ قوم ڀوڳي رهي آهي.هن چيو ته دهشتگردن کي دشمن سمجهيو وڃي، پيپلز پارٽي هميشه دهشتگردي جي مزاحمت ڪئي آهي.وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي مذمت ڪرڻ ئي ڪافي ناهي، دهشتگردن جي خاتمي لاءِ رياست کي سهڪار ڪرڻو پوندو.










