اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي آئين ۽ جهنڊي کي تسليم ڪرڻ وارن سان ڳالهيون جاري رهنديون پر دشمن سان نه ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون ۽ نه ئي ساڻن نرم رويو اختيار ڪري سگهجي ٿو. اڱاري تي وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪجهه ڏينهن ۾ دهشتگردي جا افسوسناڪ واقعا پيش آيا آهن، دهشتگردي جي تازن واقعن ۾ 50 کان وڌيڪ شهري ۽ سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار به شهيد ٿيا. وزيراعظم چيو ته ڊيرا اسماعيل خان، ڪرڪ ۾ به بيگناهه ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو، فتنا الخوارج جا دهشتگرد افغانستان مان آپريٽ ڪندا آهن، دهشتگردن خلاف موثر آپريشن ڪيو ويو آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾دهشتگردي جي تازن واقعن جيتري مذمت ڪجي گهت آهي. معصوم ماڻهن کي گاڏين مان لاهي قتل ڪيو ويو. شهباز شريف چيو ته دهشتگرد پاڪستان جي ترقي ۽ سي پيڪ منصوبن کي روڪڻ چاهين ٿا، دهشتگرد پاڪستان ۽ چين وچ ۾ فاصلو پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، هاڻي دهشتگردي جي خاتمي جو وقت اچي ويو آهي، پاڪ فوج دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪندي. وزيراعظم چيو ته اسان کي پنهنجي دشمنن کي منهن ڏيڻو آهي، پاڪستان جي آئين ۽ جهنڊي کي تسليم ڪرڻ وارن سان ڳالهين جا رستا کليل آهن، دشمن سان نه ته ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون ۽ نه ئي نرم رويو اختيار ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم ڪابينا ميمبرن کي ٻڌايو ته مان جلد بلوچستان جو دورو ڪندس ۽ اتي جي صورتحال جو جائزو وٺندس.










