دهشتگردن ۽ پراڪسيز کي ختم ڪرڻ لاءِ هر قدم کڻنداسين

دهشتگردن ۽ پراڪسيز کي ختم ڪرڻ لاءِ هر قدم کڻنداسين

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته بلوچستان جا ماڻهو ملڪ جو اصل سرمايو آهن، صوبي جا ماڻهو ان جي بيشمار معاشي صلاحيت مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا، پاڪستاني فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ (آءِ ايس پي آر) موجب، آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير 17 هين نيشنل ورڪشاپ بلوچستان جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته بلوچستان پاڪستان جو فخر آهي ۽ هتي جا ماڻهو محب وطن، باصلاحيت ۽ پرعزم آهن، فيلڊ مارشل وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي ترقياتي قدمن تي روشني وجهندي چيو ته بلوچستان جا ماڻهو صوبي جي بيشمار معاشي صلاحيت مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ نوجوانن کي ترقي ۽ پائيدار استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، آرمي چيف چيو ته هندستان جي سرپرستي ۾ قائم فتنه الھندوستان ۽ فتنه الخارج عوام مخالف پروپيگنڊا پکيڙي رهيا آهن ۽ اهي دهشتگرد تشدد کي ڀڙڪائي رهيا آهن، دهشتگرد پراڪسيز کي ختم ڪرڻ لاءِ ضروري قدم کنيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو