دفاعي بجيٽ ۾ اربين روپين جون سنگين مالي بي ضابطگيون

دفاعي بجيٽ ۾ اربين روپين جون سنگين مالي بي ضابطگيون

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)آڊيٽر جنرل آف پاڪستان دفاعي بجيٽ ۾ اربين روپين جي مالي بي ضابطگين ، قانون ۽ رولز جي سنگين خلاف ورزين ۽ من پسندن کي ٽيڻي قيمت تي ٺيڪا ڏيڻ جي نشاندهي ڪندي اندروني مالياتي ڪنٽرول کي بهتر بڻائڻ ۽ ذميوارن جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل اختيارين کان انڪوائري جي هدايت ڪئي آهي. رپورٽ ۾ سنگين مالي بي ضابطگين، غير شفاف خريداري ۽ دفاعي خدمتن جي مختلف شعبن ۾ غير مجاز خرچن جي پڻ نشاندهي ڪئي آهي.آڊيٽر جنرل 300 صفحن کان وڌيڪ مرتب ڪيل پنهنجي رپورٽ ۾ آڊٽ اعتراضن کي شايع ڪيو آهي، جنهن ۾ بنا رسيدن جي ادائگي، اضافي ۽ پيشگي ادائگي، خريداري ۾ بي ضابطگيون، رياست کي نقصان پهچائڻ جي ڪيترين ئي ڪيسن جي نشاندهي ڪئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بچاءَ واري وزارت کي سنگل لائين بجيٽ گرانٽ ملندي آهي جيڪا دفاعي پيداوار واري وزارت، سروسز هيڊ ڪوارٽرز، انٽر سروسز آرگنائيزيشنز ۽ اسٽريٽجڪ پلاننگ ڊويزن ۾ ورهائي ويندي آهي. دفاع واري وزارت جي انتظامي ڪنٽرول هيٺ، هٿياربند فوجون، جن ۾ آرمي، نيوي ۽ ايئر فورس شامل آهن، جن جي بنيادي ذميواري ملڪي سالميت جي حفاظت ڪرڻ ۽ گهرج پوڻ تي سول انتظاميه جي مدد ڪرڻ به آهي. هي رپورٽ مالي سال 2022 ۽ 2023 جي بجيٽ بابت آهي. رپورٽ ۾ ڪيترن معاملن جي خرچن جو رڪارد فراهم نه ڪرڻ تي ناپسنديدگي جو اظهار به ڪيو ويو آهي. ڄاڻايل مالي سال ۾ دفاع لاءِ بجيٽ ۾ 1563 ارب رکيا ويا پر خرچ 1592 ارب روپيا ڪيا ويا. آڊٽ رپورٽ رڳو 566.29 ، ارب روپين جي ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آدٽ اعتراض دور ڪرڻ کي سنجيده نٿو ورتو وڃي. رپورٽ ۾ 1985 کان وٺي هڪ چارٽ ڏنو ويو آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته “دفاع واري وزارت 1974 کان پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (PAC) جي 1974 آدٽ اعتراضن مان رڳو 659 هدايتن تي عمل ڪيو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته PAC جي هدايتن جي تعميل جو عمل تمام سست آهي. پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر کي پي اي سي جي هدايتن جي تعميل کي تيز ڪرڻ لاءِ ضروري قدم کڻڻ گهرجن. رپورٽ موجب دفاعي پيداوار واري وزارت جي ڪارڪردگي به بهتر نه هئي، ڇاڪاڻ ته هن PAC جي 372 مان صرف 109 هدايتن تي عمل ڪيو. رولز موجب 5 لک کان مٿي جي خريداري لاءِ پاڪستان پريڪيورمينٽ ريگوليٽري اٿارٽي (پي پي آر اي) جي ويب سائيٽ تي اشتهار ڏين ضروري آهي پر ماضي جيان هن سال به ڪيترن معاملن ۾ ان جي خلاف ورزي ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو