لاهور (ويب ڊيسڪ) نواز ليگ اڳواڻ خواجه عمران نذير ڌيءَ جي لاءِ نواز شريف جهڙو مڙس ملڻ جي دعا ڪئي آهي،لاهور جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 127 ۾ پيپلزپارٽي جي طرفان بلاول ڀٽو زرداري اليڪشن وڙهندو، جڏهن ته ان جو مقابلو ميان اطهر محمود سان ٿيندو،اين اي 127 جي دوري دوران نواز ليگ اڳواڻ خواجه عمران نذير جو چوڻ هو ته جيڪڏهن نواز شريف خراب آهي، دعا ڪيان ٿو ته منهنجي هڪ ئي ڌيءَ آهي، الله ان کي نواز شريف جهڙو مڙس عطا ڪري،هن چيو ته عمران خان هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 گهر ڏنا هجن ها ته مان ان کي سلام ڪيان ها، ماڻهن کي چور چئي پاڻ سڀ کان وڏو چور بڻجڻ وارو ليڊر نه گهرجي










