ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ٻوڏ کي نظر ۾ رکندي درياءَ جي ڪپن تي 500 کان وڌيڪ ڪئمپ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٻوڏ جي هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري، صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، مخدوم محبوب زمان ۽ ٻين عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. پي ڊي ايم اي سنڌ جي وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پهرين سيپٽمبر کان سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، اترين ضلعن ۾ 72 ۽ ڏکڻين ضلعن ۾ 106 ريسڪيو ٻيڙين جو بندوبست ڪيو ويو آهي، ٻوڏ جي صورتحال سبب 52 هزار کان وڌيڪ خاندان متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته وڏي ٻوڏ جي صورت ۾ 50 هزار کان وڌيڪ خاندان متاثر ٿي سگهن ٿا. پي ڊي ايم اي چيو ته اسان وٽ وڏي تعداد ۾ مڇر داڻيون، ڪمبل، فرسٽ ايڊ ڪٽ، ڪچن سيٽ، گدا، پلاسٽڪ ميٽ، پورٽيبل ٽوائليٽ، لحاف، سمهڻ جا ميٽ، خيما، پاڻي صاف ڪرڻ جا پمپ ۽ جنريٽر وڏي تعداد ۾ موجود آهن. ان موقعي تي مراد علي شاهه پي ڊي ايم اي ۽ ضلعي انتظاميا کي مڪمل تياريون ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ هدايت ڪئي ته اترين ضلعن ۾ 30,000 کان وڌيڪ ريسڪيو 1122 اهلڪار مقرر ڪيا وڃن ۽ درياءَ جي ڪنارن تي 500 کان وڌيڪ ڪئمپ قائم ڪيا وڃن. ان کان علاوه، وڏي وزير سکر کان دادو تائين ٻيڙين سان گڏ ريسڪيو اهلڪار مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان نيوي پڻ پنهنجون 26 ٻيڙيون تيار رکيون آهن. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته اربع ۽ خميس جي رات جي وچ ۾ 700,000 کان 800,000 ڪيوسڪ پاڻي گڊو بئراج تائين پهچي سگهي ٿو، جنهن لاءِ انتظاميا کي الرٽ رهڻ گهرجي، ٻوڏ جي صورتحال جي صورت ۾ بچاءُ لاءِ تيار رهڻ گهرجي ۽ ٻوڏ جي صورت ۾ انسانن يا جانورن کي ڪو به نقصان نه پهچڻ گهرجي.










