دراني ڪيس ۾ مفرور جوابدارن بابت رپورٽ طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ريفرنس ۾ گرفتار سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر  آغا سراج دراني ۽  ٻين خلاف ڪيس ۾ مفرور جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏيڻ بابت رپورٽ 17 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتي آهي.  ڪالهه  ٻڌڻي دوران نيب جي جاچ آفيسر عدالت کي استدعا ڪئي ته مفرور جوابدارن بابت رپورٽ پيش ڪرڻي آهي تنهن ڪري مهلت ڏني وڃي جنهن تي عدالت ريفرنس جي ٻڌڻي 17 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته آغا سراج دراني, سندس گهر واري, پٽ, ڀاء  ۽ ٻين مٿان هڪ ارب ايڪهٺ ڪروڙ رپين جا غير قانوني اثاثن بابت ريفرنس داخل ٿيل آهي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته پهرين ڊسمبر تي ملهايل ايڪتا ڏهاڙو مون به جيل ۾ ملهايو، آرمي چيف جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ بابت قانونسازي جي حمايت ڪرڻ يا نه ڪرڻ پارٽي جو فيصلو هوندو، مان جيل ۾ هوندو آهيان مون انهن شين جو پتو ناهي. آغا سراج دراني چيو ته شاگرد يونين جي بحالي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو خواب هو، يونين جي بحالي سندس مشن ۾ شامل هو. هن چيو ته پيپلز پارٽي پاڻ به شاگرد يونينز مان وجود ۾ آئي آهي. *** دهشتگردي ٽوڙ  عدالت اي سي ايل سي اهلڪارن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل نوجوان انتظار حسين قتل ڪيس ۾ جوابدارن کي واقعي واري هنڌ وٺي وڃي نشاندهي ڪندڙ پوليس اهلڪار شمشير جو بيان قلمبند ڪرائڻ بعد وڌيڪ گواهن کي طلب ڪندي ٻڌڻي 16 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو