درانداز جي ڪوشش ناڪام، 54 خارجي مارجي ويا

درانداز جي ڪوشش ناڪام، 54 خارجي مارجي ويا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سيڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد کان دراندازي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 54 خارجي دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. فوجي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هي خارجي اتر وزيرستان جي علائقي حسن خيل مان دراندازي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئ، جيڪا ناڪام بڻائي وئي. آءِ ايس پي آر مطابق، سيڪيورٽي فورسز بروقت ڪارروائي ڪندي 54 خارجين کي ماري وڌو ۽ ماريل خارجين کان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ ڪيو ويو آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اڄ اسان لاءِ وڏو ڏينهن آهي، سيڪيورٽي فورسز کي ان حملي جو بروقت اطلاع ملي وئي هئي ۽ فورسز خارجين جي دراندازي کان فوري طور آگاه ٿي ويون هيون، جنهن کان پوءِ حڪمت عملي تحت انهن کي ٽن طرفن کان گهيري 54 خارجين کي ماريو ويو. هن چيو ته هڪ ڏينهن ۾ ايتري وڏي تعداد ۾ خارجي جي مرڻ جو سڀ کان وڏو انگ آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان وٽ ڪجهه ڏينهن کان اها ڄاڻ موجود هئي ته انهن جا پرڏيهي آقا انهن تي زور ڀري رهيا هئا ته جلد کان جلد پاڪستان ۾ گهڙي ڪا (دهشتگردي واري) سرگرمي ڪن. ان معلومات جي بنياد تي سرحدن تي نگراني ۽ چيڪنگ سخت ڪئي وئي هئي، ۽ ان ئي دوران انهن خارجن جي نشاندهي ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو