دبئي ويندڙ خاندان کان لکين ڊالر برآمد، 6 ڄڻا گرفتار

دبئي ويندڙ خاندان کان لکين ڊالر برآمد، 6 ڄڻا گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڪسٽم اختيارين ڪارروائي ڪندي دبئي ويندڙ هڪ ئي خاندان جي 6 مسافرن وٽان وڏي مقدار ۾ غير ملڪي ڪرنسي برآمد ڪري ورتي آهي. ڪسٽم ترجمان موجب، شڪ پوڻ تي مسافرن جي تلاشي ورتي وئي ته سندن قبضي مان 55 هزار آمريڪي ڊالر (لکين روپيا) ۽ 9 لک 50 هزار پاڪستاني روپيا برآمد ٿيا. مسافرن پاران ڪرنسي ڊيڪليئر نه ڪئي وئي هئي، جنهن تي اسٽيٽ بينڪ جي قانونن جي خلاف ورزي تحت سڀني 6 ڄڻن خلاف ڪسٽم ايڪٽ 1969 تحت ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. عملدارن چيو ته ڪرنسي اسمگلنگ تي زيرو ٽالرنس پاليسي لاڳو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو