دبئي جي عمارت ۾ باهه 3 پاڪستانين سميت 16 ڄڻا سڙي فوت

دبئي جي عمارت ۾ باهه 3 پاڪستانين سميت 16 ڄڻا سڙي فوت

ابوظهبي (ويب ڊيسڪ) دبئي ۾ رهائشي عمارت ۾ باهه لڳڻ سبب 16 ڄڻا سڙي فوت ۽ 9 زخمي ٿي پيا.دبئي پوليس موجب ڊيرا دبئي جي گنجان آبادي واري علائقي الرس ۾ هڪ رهائشي عمارت ۾ باهه لڳي وئي.باهه لڳڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 3 پاڪستاني به فوت ٿي ويا آهن.شروعاتي جاچ موجب عمارت ۾ باهه کان بچاءُ ۽ حفاظتي رستا جا مناسب انتظام نه هئا.دبئي پوليس جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ جي سبب جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو