دادو(ن سنڌيار) ضلعي دادو جي يوسي يارمحمد ڪلهوڙو ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي ڳوٺ محبت جلباڻي، باداڻي سميت ڳوٺ حاجي ماهي خان خاصخيلي ۾ صحافي عزيز خاصخيلي جو به گهر برسات سبب ڊھي پٽ پئجي ويو، متاثر ٿيل مختلف ڳوٺن جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته برسات سبب غريب، مسڪين ماڻهن جي زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي اسان جا 30 کان وڌيڪ گهر به ڊهي پٽ ٿي ويا آهن، ڪجهه گهرن کي ڏار پئجي ويا آهن جيڪي برسات وسڻ سبب رهڻ جي قابل ناهن رهيا سندن وقت سر مالڪي ڪئي وڃي ھنن وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ايم پي اي صالح شاھ ۔ايم اين اي رفيق احمد جمالي ۽ ڊي سي دادو مرتضيٰ شاهه کي اپيل آهي ته ٻيو ڪجهه نه ٿا ڏئي سگهو ته گهٽ ۾ گهٽ برسات کان بچڻ لاءِ ٽينٽ ۽ راشن تہ ڏيو جئين پنهنجن بچن کي ڪنهن محفوظ جڳھ تي برسات ۾ رهائي سگهون،










