پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي، خيبر پختونخوا پوليس ۽ انتظاميا مختلف هنڌن تي بند رستن تان رڪاوٽون هٽائي ٽريفڪ بحال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن.خيبر پختونخوا ۽ پنجاب کي ڳنڍيندڙ اهم اٽڪ پل جي ٽي روڊ کي به ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو آهي، جڏهن ته صوابي انٽرچينج اڃا تائين نه کوليو ويو آهي.خيبر پختونخوا پوليس ڊيرا اسماعيل خان کي ميانوالي ۽ چشمه سان ڳنڍيندڙ رستا به کوليا آهن، ۽ ڊيرا اسماعيل خان اسلام آباد موٽر وي ٽول پلازا کي به خالي ڪرايو ويو آهي.ياد رهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي احتجاج سبب صوبي ۾ بند روڊ کولڻ جو حڪم ڏنو هو.عدالت چيو هو ته روڊ چار ڏينهن کان بند آهن، صوبي جا ماڻهو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، ماڻهو پنهنجون جانيون وڃائي رهيا آهن، حڪمران پارٽي پنهنجي ئي صوبي جي ماڻهن کي تڪليف پهچائي رهي آهي.فيصلي کان پوءِ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو هو ته وفاقي حڪومت عدالتي فيصلي تي عمل درآمد کي يقيني بڻائيندي.وفاقي گهرو وزير چيو ته عدالت چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي ڪي پي ڪي کي هدايت ڪئي آهي ته وفاقي حڪومت انهن جي ڪنهن به درخواست کي پورو ڪندي.ٻئي طرف، پي ٽي آءِ اڳواڻ شير علي ارباب خيبر پختونخواهه ۾ روڊ بند ٿيڻ سبب ٽريفڪ جام ۾ هڪ عورت جي مبينا موت جي ذميواري قبول ڪئي هئي.










