سکر)رپورٽر) احتساب عدالت پيپلز پارٽي اڳواڻ خورشيد شاهه خلاف نيب ريفرنس ايف آءِ اي عدالت منتقل ڪري ڇڏيو. سکر جي احتساب عدالت ۾ خورشيد شاهه ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اويس شاهه خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ خورشيد شاهه جو پٽ ايم پي اي فرخ شاهه وڪيل محفوظ اعواڻ سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو.ٻڌڻي کان پوءِ جج غلام ياسين ڪولاچي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ڪيس ايف آءِ اي عدالت منتقل ڪري ڇڏيو.










