خورشيد شاهه جي ضمانت منظور، نيب جي  استدعا رد

خورشيد شاهه جي ضمانت منظور، نيب جي استدعا رد

سکر (امداد علي ڪلوڙ)  آمدني کان وڌيڪ اثاثا رکڻ جي ڪيس ۾ سکر جي احتساب عدالت پ پ ايم اين اي سيد خورشيد شاهه جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. عدالت نيب جي وڪيل پاران سندس رمانڊ ۾ 15 ڏينهن جي واڌ واري استدعا رد ڪري ڇڏي ۽ فيصلو محفوظ ڪيو جيڪو ٻن ڪلاڪن بعد ٻڌائيندي 50 لک روپين جي بانڊ عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي. ٻڌڻي دوران سيد خورشيد شاهه کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ۽ نيب پ پ ايم اين اي جي وڌيڪ رمانڊ ڏيڻ جي درخواست ڪئي. جنهن تي عدالت جي جج امير علي مهيسر سوال ڪيو ته ڇا قانون 90 ڏينهن کان وڌيڪ رمانڊ ڏيڻ جي اجازت ڏئي ٿو؟. نيب جي وڪيل چيو ته ريفرنس تيار آهي چيئرمين کي موڪليو ويو آهي. خورشيد شاهه جي وڪيل رضا رباني چيو ته 90 ڏينهن ۾ نيب ڪجهه حاصل ناهي ڪيو ريفرنس به داخل ناهي ڪيو ويو، هن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته ڪيس ختم ٿيڻ گهرجي ۽ خورشيد شاهه کي آزاد ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو