ٽنڊوغلام حيدر(ميرحسن رند) پيپلزڪالوني ۾ 2 مهينا اڳ مبيناطور خودڪشي ڪندڙ 22 ورهين جي شريمتي گڏي زال بابو ڪولهي جي ڀاءُ لالو پٽ شڳن ڪولهي ٽنڊوغلام حيدر ٿاڻي تي پهچي ڪيس داخل ڪرايو هو ته منهنجي ڀيڻ خودڪشي ناهي ڪئي ان کي سندس مڙس بابو ۽ ان جي ماءُ راجي ڪولهي قتل ڪري خودڪشي جو رنگ ڏنو ويو آهي اسان سان انصاف ڪيووڃي. جنهن بعد ٽنڊوغلام حيدرجي ايس ايڇ او ارشاد علي شاهاڻي ۽ اي ايس آئي حاجي محمود لغاري المدينه هوٽل ڀرسان ڪاروائي ڪري بابو ڪولهي کي گرفتار ڪري ورتو آهي ان موقعي تي ايس ايڇ او صحافين کي ٻڌايو ته جوابدار کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون ڪنهن سان به ناجائزي نه ڪنداسين. هن چيو ته ايس ايس پي صاحب جي حڪم تي تعلقي ۾ اشتهاري ڏوهارين خلاف وڌيڪ ڪاروايون ٿي رهيون آهن.










