اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي صدر چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته خواجا آصف روز گاريون ڏئي ٿو، هو آئين سان کيڏي رهيو آهي.لاهور ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري پرويز الاهي چيو ته پهرين ڏينهن کان اسان دهشتگردي جو رستو نه پر پرامن رستو اختيار ڪيو، اسان عدليه ڏانهن وياسون ۽ پوءِ ڳالهين جي شروعات ڪئي. هن چيو ته سڄو شريف خاندان بدڪار آهي، هنن ڪجهه ناهي ڪيو، هو ماڻهن خلاف ڪوڙا ڪاغذ ٺاهڻ ۾ ماهر آهن.چوڌري پرويز الاهي جو چوڻ آهي ته اسان کيس ۽ سندس خاندان کي به سڃاڻون ٿا، کيس واعدا ڪرڻ ۽ پورا نه ڪرڻ جي عادت آهي.اڳوڻي وڏي وزير چيو ته ڪيس هلندا هلندا، مڪمل وڙهي رهيا آهيون، اسان کي ڪو خوف ناهي، اسان پوئتي هٽڻ نه سکيو آهي. هنن چيو ته اسان هڪ مقصد لاءِ نڪتا آهيون، اسان جو مشن آهي، ملڪ کي خوبصورت بڻائڻو آهي، اسان ڪم ڪري قوم کي ڏيکاريو آهي، ڪم ڪندا رهنداسين.










