خطي ۾ امن، سلامتي، خوشحالي ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي

خطي ۾ امن، سلامتي، خوشحالي ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وزيراعظم شهباز شريف ايس سي او سربراهي اجلاس جي مهمانن کي خوش آمديد ڪندي چيو آهي ته اسان سڀني کي خطي جي امن، سلامتي، خوشحالي ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. اجلاس جي صدارت ڪندي ابتدائي خطاب ۾ هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي آبادي دنيا جي 40 سيڪڙو آهي ۽ هي تنظيم خطي ۾ تعاون لاءِ ملٽيليٽرل ازم جي روشني آهي. اسلام آباد جي ڪنوينشن سينٽر ۾جاري حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل (سي ايڇ جي) جي 23 هين اجلاس جي صدارت ڪري رهيو آهي. ايس سي او ۾ چين، ڀارت، روس، پاڪستان، ايران، قزاقستان، ڪرغزستان، تاجڪستان، ازبڪستان ۽ بيلاروس شامل آهن. هن تنظيم جا 16 وڌيڪ ملڪ مبصرن يا ”ڊائيلاگ پارٽنر“ جي حيثيت سان جڙيل آهن. پاڪستان 2017ع ۾ قزاقستان ۾ ايس سي او جي سربراهه اجلاس ۾ مڪمل ميمبر ٿيو، جنهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف شرڪت ڪئي هئي، جنهن تازو ئي ڀارت سان لاڳاپن جي بحالي جي اميد جو اظهار به ڪيو آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته: ”شي جن پنگ جي بي آر آءِ ۽ سيپيڪ جهڙا فليگ شپ منصوبا، جيڪي پنهنجي ٻئي مرحلي ۾ آهن، اهي بين الاقوامي اتر-ڏکڻ رابطي جي ڪوريڊور کي وڌائي رهيا آهن. جنهن ۾ روڊ، ريل ۽ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر جي ترقي تي فوڪس آهي. “اچو ته اسان اهڙن منصوبن کي تنگ سياسي نظر سان نه ڏسون ۽ اسان جي اجتماعي رابطي جي صلاحيت ۾ سيڙپڪاري ڪريون جيڪي اقتصادي طور تي مربوط خطي جي اسان جي گڏيل ويزن کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم آهن،”. هن چيو ته عامي برادري افغانستان ۾ انساني بنيادن تي مدد لاءِ اڳتي اچي ڇو ته پر امن ۽ مضبوط افغانستان اسان سڀني لاءِ ضروري آهي. اسانکي اهو ممڪن بنائڻو آهي ته افغانستان جي سرزمين پاڙيسري ملڪن ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿئي. هن سمٽ ۾ شريڪ نمائندن تي زور ڀريو ته هو خطي ۾ گڏيل معاشي ۽ سماجي ترقي لاءِ پنهنجي پهترين تجربن جون تجويز پيش ڪن جيئن اسين علائقائي امن، سلامتي ۽ معاشي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪري سگهون. هن چيو ته اسانکي علائقائي سياحت، تجارت ۽ معاشي ترقي کي فروغ ڏيڻ گهرجي. ياد رهي ته سمٽ ۾ شرڪت لاءِ 900 وفد پاڪستان پهتل آهن. ڪانفرنس جي شروعات کان اڳ سڀني ملڪن جي نمائندن جو گروپ فوٽو به ورتو ويو.

ايس سي او ۾ شرڪت ڪندڙ ملڪن جي سربراهن جو گروپ فوٽو

پهنجو تبصرو موڪليو