خدشن بابت وفاقي حڪومت ڪنهن حد تائين ڪم ڪيو پر مطمئن ناهيون

خدشن بابت وفاقي حڪومت ڪنهن حد تائين ڪم ڪيو پر مطمئن ناهيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي احتجاج تي گهڻو حيران آهيان. هن چيو ته جڏهن ڪراچي جي آبادي 16 لک ڳڻپ ٿي ۽ سڄي سنڌ جي آبادي 4 ڪروڙ 70 لک ڏيکاري وئي جنهن تي مون سي سي آءِ ۾ سخت احتجاج ڪيو هو ته ان وقت سڄي پي ٽي آءِ منهنجي خلاف هئي ۽ حيرت آهي ته هاڻي اهي احتجاج ڪري رهيا آهن جڏهن ته ان وقت جماعت اسلامي به ڪو خاص احتجاج نه ڪيو هو ۽ ايم ڪيو ايم ٻيهر جلد آدمشماري ڪرائڻ تي ان وقت جي آدمشماري کي قبول ڪيو هو. هن چيو ته جڏهن آدمشماري شروع ٿي ته پهرين ڏينهن کان مون ان جي طريقيڪار تي پنهنجا سمورا خدشا ظاهر ڪيا ۽ هيستائين انهن خدشن کي مڪمل ريت ختم نه ڪيو ويو آهي. خدشن بابت وفاقي حڪومت ڪنهن حد تائين ڪم ڪيو آهي پر تنهن هوندي اسان مطمئن نه آهيون. مراد علي شاهه چيو ته هن وقت به سڄي پاڪستان ۾ سنڌ جي ماڻهن کي هڪ ڪٽنب جي حساب سان گهٽ ڳڻيو ويو جنهن تي آئون آدمشماري کاتي کي ايوارڊ ڏيڻ چاهيان ٿو ته انهن کان ڳڻپ جو عمل صحيح نموني ڇونه پيو ٿئي. هن چيو ته اسان جا اعتراض اڃا به قائم آهن جنهن تي اسان اهو معاملو ڪابينا ۾ اٿارينداسين ۽ ڪابينا ان غلط آدمشماري کي ڪڏهن به قبول يا حمايت نه ڪندي. هن چيو ته هن وقت خيبرپختونخواهه جي قومي اسيمبلي جون ڪيتريون ئي سيٽون خالي آهن اتي 90 ڏينهن جي يادگيري نٿي اچي جڏهن ته پنجاب ۾ 90 ڏينهن گذرڻ تي وڏو ٻائيتال مچي رهيو آهي. هن چيو ته آئون ڪنهن تي سازش جو الزام نه لڳائي رهيو آهيان منهنجي لاءِ عدليه هڪ معزز ادارو آهي جنهن جو هميشه احترام ڪندو آهيان. هن چيو ته ملڪ هن وقت سخت بحرانن کي منهن ڏئي رهيو آهي سندس وڌيڪ بحرانن ڏانهن نه ڌڪيو وڃي. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ پوليو مهم جاري آهي جنهن ۾ پوليو ورڪرن جي حفاظت لاءِ فورسز کي به مقرر ڪيو ويو آهي ۽ ان سان گڏ آدمشماري عملي کي پڻ فورسز کي مقرر ڪيو ويو آهي، اهڙي صورتحال ۾ کپي ته چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ڪرايون وڃن. هن چيو ته پنجاب جو سياسي اثر 50 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي ۽ آئين چوي ٿو ته چونڊون نگران حڪومت تحت ٿيڻ گهرجن جڏهن ته وفاقي حڪومت هڪ سياسي حڪومت آهي اها نگران حڪومت ناهي. چونڊن بابت آئين جو جائزو ورتو وڃي. هن چيو ته ڪنهن هڪ شق تي ڌيان ڏيڻ بدران بهتر آهي ته آئين جو مڪمل مطالعو ڪيو وڃي ۽ انا پرستيءَ جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته بجيٽ پنهنجي مقرر وقت تي يعني جون ۾ پيش ڪئي ويندي. هن چيو ته برسات الله پاران ايندي آهي جنهن کي روڪڻ انسان جي وس ۾ آهي، ان سلسلي ۾ اسان کي تياريون ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته اپريل جي آخر ۽ مئي ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي پنهنجي تياري ڪري رهي آهي ۽ خدا نه ڪري جيڪڏهن گذريل سال جهڙي صورتحال رهي ته بندوبست ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو پر اسان عوام کي رليف ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ۽ هاڻي به اسان پنهنجي عوام جي خدمت ۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪنداسين. هن چيو ته سنڌ صوبي ۾ گهڻ برساتن ۽ ٻوڏن هوندي به مڪاني چونڊون ڪرايون ويون. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي واحد پارٽي آهي جيڪا ڏکئي وقت ۾ عوام سان گڏ بيٺل آهي جڏهن ته ٻيون پارٽيون رڳو بيانن تائين محدود آهن. هن چيو ته اسان تعليم جي بهتري لاءِ سٺا قدم کنيا آهن ۽ ڪيترن ئي اسڪولن جي مرمت/بحالي جا ڪم پڻ ڪرايا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو