خان جي وڪيلن سان ملاقات نه ٿيڻ تي  ٿريٽس جو رڪارڊ طلب

خان جي وڪيلن سان ملاقات نه ٿيڻ تي ٿريٽس جو رڪارڊ طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڊيالا جيل بابت گهرو وزارت کان مليل سڪيورٽي خطرن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اعجاز اسحاق خان عدالتي حڪم باوجود عمران خان جي وڪيلن سان ملاقات تي پابندي بابت توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.عدالت گهرو وزارت کان اڊيالا جيل جي سڪيورٽي خطرن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو ۽ حڪم ڏنو ته گهرو وزارت جو ڄاڻايل آفيسر سڪيورٽي خطرن جو رڪارڊ سميت عدالت ۾ پيش ٿئي.عدالت حڪم ڏنو ته رڪارڊ پيش ڪيو وڃي جنهن جي بنياد تي پنجاب حڪومت جيلن جي دوري تي پابندي لڳائي وئي.ٻئي طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ کي اڄ ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو ۽ اٽارني جنرل آفيس کي عدالتي معاونت لاءِ نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو