خان  جي قيد خلاف پنج آگسٽ تي ملڪ گير احتجاج جو اعلان

خان جي قيد خلاف پنج آگسٽ تي ملڪ گير احتجاج جو اعلان

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ تحريڪِ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته 5 آگسٽ تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي قيد کي ٽي سال مڪمل ٿي ويندا، جنهن موقعي تي تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان سڄي ملڪ ۾ جمهوري ۽ پرامن احتجاجي تحريڪ شروع ڪندي.هن چيو ته 5 آگسٽ تي عمران خان جي قيد خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. محمود خان اچڪزئي جو چوڻ هو ته اسان جي جدوجهد پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمرانيءَ لاءِ هوندي. هن اڱاري جي شام ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آزاد ڪشمير، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي موجوده صورتحال تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو