خانپورمهر (رپورٽ:آفتاب سيال) خانپورمهر ويجهو ڳوٺ شربت علي جسڪاڻي وٽ هلندڙ ويگن کي اوچتو باهه لڳڻ سبب افسوسناڪ حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت سڙي فوت ٿي وئي، جڏهن ته 5 عورتون زخمي ٿي پيون آهن، ويگن ۾ خانپورمهر واسي هندو برادري سان تعلق رکندڙ عورتون، مرد ۽ ٻار سوار هئا، جيڪي رهڙڪي ۾ پنهنجي مرشد سائين ساڌ رام جي آخري ديدار لاءِ وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ خانپورمهر، جروار روڊ تي ڳوٺ شربت علي جسڪاڻي وٽ حادثو پيش آيو، جتي ويگن باھ لڳي وئي، حادثي ۾ راکي ٻائي زال برج لال سڙي فوت ٿي وئي، جڏهن ته 5 عورتون زخمي ٿي پيون، جن کي فوري طور گهوٽڪي اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمي عورتن ۾ سنڌيئا،ديپا ،پوران ٻائي سميت ٻيون شامل آهن، واقعي کانپوءِ علائقي جا رهواسي وڏي انگ ۾ پهچي ويا ۽ زخمين کي ريسڪيو ڪري اسپتال روانو ڪيو، جڏهن ته فوتي عورت جو لاش وارث گهر کڻائي ويا، واقعي بعد ضلعي چيئرمين مير بنگل خان مهر واقعي واري هنڌ پهچي واقعي جا تفصيل ورتا، ان موقعي تي بنگل خان مهر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته انتهائي افسوسناڪ حادثو پيش آيو آهي جنهن جو جيترو ڏک ڪجي ٿورو آهي، بنگل خان مهر چيو ته حادثي دوران ايمبولينسون نه پهچڻ صحت کاتي جي نااهلي آهي، ڊي ايڇ او الائي ڇا ڪري رهيو آهي خبر نٿي پوي، ايمبولينسن نه زخمين کي کنيو ۽ نه ئي لاش کڻڻ لاءِ پهتيون آهن، ان موقعي تي ضلعي چيئرمين خانپورمهر لاء ضلعي ڪائونسل مان هڪ ايمبولينس ڏيڻ جو اعلان ڪيو، هوڏانهن فوتي عورت جو مڙه گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو..










