خانپورمهر (ن س )خانپورمهر ويجهو پراڻي تڪرار تان هٿياربندن هٿان نوجوان قتل، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو، خبر موجب ، خانپورمهر ويجهو مڪان اسٽاپ وٽ ويٺل گڏاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي زميني تڪرار تان ٻيهر تڪرار شدت اختيار ڪري ويو، هٿياربندن جي فائرنگ سبب 20 ورهين جو ڪميل رضا گڏاڻي پٽ غمٽال گڏاڻي مارجي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته گوليون لڳڻ سبب نوجوان زخمي ٿي پيو جنهن کي گهوٽڪي اسپتال نيو پئي ويو ته رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو، مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال خانپورمهر آندو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن مقتول نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو، نوجوان جي امڙ مسمات رضيا ۽ سئوٽ وسيم گڏاڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته سندن پنهنجي ئي برادري سان پراڻو زميني تڪرار هلندڙ آهي ، مخالف ڌر جي جوابدارن ڪميل رضا کي بيدردي سان قتل ڪري اسان ظلم ظلم ڪيو آهي، ان اڳ به اسان جي غلام نبي گڏاڻي قتل ڪيو ويو هو، هنن جوابدارن جي گرفتاري ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو آهي۔ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين ۾ پراڻي دشمني هئڻ سبب واقعو پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي










