خامنه اي جي شهادت جي خبر تمام گهڻي صدمي واري آهي: گوهر

خامنه اي جي شهادت جي خبر تمام گهڻي صدمي واري آهي: گوهر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)چيئرمين پي ٽي آءِ بئريسٽر گوهر چيو آهي ته هو آيت الله خامنه اي جي شهادت جي خبر تي تمام گهڻو صدمو پهتو آهي.ان حوالي سان بئريسٽر گوهر چيو ته اڄ سڄي مسلم دنيا لاءِ ڏک ۽ افسوس جو ڏينهن ۽ هنڌ آهي، تاريخ ۾ ڪڏهن به مسلمانن سان اهڙو نه ٿيو آهي.هن چيو ته ايران ڪنهن به ملڪ لاءِ خطرو نه هو، ايران کي پنهنجو دفاع ڪرڻ جو حق هو، جڏهن ته حڪومت جي تبديلي لاءِ هڪ اڳواڻ کي قتل ڪرڻ هڪ مجرمانه عمل ۽ رياستي دهشتگردي آهي.بئريسٽر گوهر وڌيڪ چيو ته اسان حملن جي سخت مذمت ڪريون ٿا، اسان جون دعائون ۽ حمايت ايراني عوام سان گڏ آهن. اسان ايران جي غم ۽ ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو