خارجين جو حملو ناڪام، 12 دهشتگرد مارجي ويا، 15 جوان شهيد

خارجين جو حملو ناڪام، 12 دهشتگرد مارجي ويا، 15 جوان شهيد

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪندي فتنه الخارج جو بزدلاڻو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 12 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ 15 جوان شهيد ٿي ويا. پاڪ فوج جي پبلڪ ريليشنز کاتي (آئي ايس پي آر) موجب، ٽانڪ ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي فتنه الخارج جي دهشتگردن بزدلاڻو حملو ڪيو. سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروائي دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائي ڇڏيا. جوانن غيرمعمولي بهادري ۽ پيشيوراڻي مهارت سان ڀڄي ويندڙ 12 خوارجين کي مارئي ڇڏيو. آئي ايس پي آر موجب، شديد دٻاءُ جو شڪار حملي آورن بارود سان ڀريل گاڏي چيڪ پوسٽ جي ٻاهرئين ديوار سان ٽڪرائي ڇڏي. ڌماڪي جي ڪري چيڪ پوسٽ جي عمارت کي سخت نقصان پهتو، جڏهن ته ان جي نتيجي ۾ وطن جا 15 بهادر پٽ شهيد ٿي ويا. آئي ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ وڌيڪ ڪنهن به دهشتگرد جي موجودگي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. عزمِ استحڪام تحت دهشتگردي خلاف ڀرپور ڪارروائيون بنا ڪنهن روڪشين جي جاري رهنديون. پاڪ فوج جي شعبي تعلقاتِ عامه وڌيڪ چيو ته ٻاهرين سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو يقيني بڻايو ويندو، اسان جي بهادر شهيدن جون عظيم قربانيون وطن جي دفاع ۽ قومي سلامتي جي تحفظ واري عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو