سينيٽ مان آئيني ترميمي بل منظور، حمايت ۾ 65 ۽ مخالفت ۾ 4 ووٽ آيا

سينيٽ مان آئيني ترميمي بل منظور، حمايت ۾ 65 ۽ مخالفت ۾ 4 ووٽ آيا

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پارليمان جي ايوان بالا سينيٽ 26 هين آئيني ترميم بل جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. بل جي منظوري وقت حامي ميبرن کي ساڄي پاسي ۽ مخالف ميمبرن کي کاٻي پاسي وارين لابين ۾ موڪليو ويو. بل جي حتمي منظوري دوران حمايت ۾ 65 ووٽ ۽ مخالفت ۾ 4 ووٽ آيا. هاڻي هي بل قومي اسمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. قائد ايوان اسحاق ڊار سڀني جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ٻڌايو ته هي پهرين آئيني ترميم آهي جيڪا اڳ ۾ سينيٽ پاس ڪئي بعد ۾ قومي اسمبلي ڪندي. هن بلاول ڀٽو زردراي ۽ مولانا فضل الرحمان جو خاص شڪريو ادا ڪندي چيو ته هنن چارٽر آف ڊيموڪريسي جي رهيل حصي تي عمل ڪري ڇڏيو ۽ آخري وقت تائين هو اتفاق راءِ جي ڪوشش ڪندا رهيا. ان کان اڳ سينيٽ جو اجلاس چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ 26هين آئيني ترميم جو بل سينيٽ ۾ پيش ڪيو، 22 شقن تي مشتمل هن بل جي ڪنهن به ميمبر مخالفت نه ڪئي. بل تي تقريرن بعد شق وار منظوري شروع ٿي، ان کان اڳ چيئرمين سينيٽ مهمانن جون گيليريون ۽ لابيون خالي ڪرايو ويون. بل جي منظوري لاءِ 64 ووٽ گهربل هئا ۽ حڪومت وٽ جي يو آءِ سميت 60 ووٽ هئا. جن ۾ پي پي جا 24، مسلم ليگ(ن) 19، باپ 4، ايم ڪيو ايم 3، ٻيا 10 ووٽ شام هئا. شق وار منظوري دوران ڪلاز 2 تي ووٽنگ ٿي ته ان جي حق ۾ 65 ووٽ آيا جنهن ۾ چيئرمين سينيٽ جو ووٽ شامل نه هو۽ شق جي مخالفت ۾ 4 ووٽ آيا. جڏيهن ته باقي 21 شقن مان ڪنهن جي به مخالفت ۾ هڪ ووٽ به نه آيو ۽ اتفاق راءِ سان اهي شقون منظور ڪيون ويون. جي يو آءِ جي ڪامران مرتضيٰ ڪجهه ترميمون پيش ڪيون جن جو جو مقصد 2028 کان وياجي نظام بند ڪرڻ ۽ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ شريعت ڪورٽ جي جڊيشل سائيڊ وارن ججن مان به ڪنهن کي شامل ڪري سگهبو. هڪ ترميم اسلامي نظرياتي ڪائونسل بابت ڪئي وئي ته اڳ ۾ ڪميٽي جي 40 سيڪڙو ميمبرن جي حمايت بعد بل ڪائونسل کي ريفر ٿيندو هو هاڻي 25 سيڪڙو ووٽن سان به اهو ريفر ڪري سگهبو. هر شق جي منظوري وقت ووٽن جي ڳڻپ ڪرائي وئي. ان کان اڳ سينيٽ جو اجلاس شروع ٿيو ته ڊپٽي وزيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار چيئرمين سينيٽ کي معمول جي ڪاروائي ملتوي ڪرڻ جي تجويز ڏني، جنهن کي ايوان منظور ڪري ورتو. جنهن بعد اعظم تارڙ بل پيش ڪيو. هن چيو ته 18 هين آئيني ترميم ۾ ججن جي ڀرتي ۽ ڪارڪدگي جاچڻ جو طريقو واضح ڪيو هو. جنهن ۾ پارليمان، ججن ۽ وڪيلن جا نمائندا شامل هئا. جنهن تي پاسي واري عمارت (سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري) مان پيغام آيو ته طريقو تبديل ڪريو نه تي پوري 18 هين ترميم کي اڏائي ڇڏينداسين. صوبائي خودمختاري جي وسيع تر مفاد خاطر مجبوري وچان 19 هين ترميم ڪرڻي پئي. اڄ هن بل ذريعي اسين 18 هين ترميم جي روح کي بحال ڪريون پيا. تارڙ چيو ته مولانا ۽ پي ٽي آءِ جي علي ظفر چيو ته آئيني عدالت بدران آئيني بينچ ٺاهيو ته کين اعتراض ناهي، اسين وسيع تر مفاد ۾ ان تي اتفاق ڪيو. قانون واري وزير چيو ته چيف جسٽس جي مقرري لاءِ اپوزيشن ۽ حڪومتي ميمبرن تي ٻڌل 12 رڪني پارلياماني ڪميٽي ٽن سينيئر ججن مان ٻن ٽئين اڪثريت سان هڪ جج جي نالي تي اتفاق ڪندي سمري وزيراعظم ڏانهن موڪليندي، وزيراعظم صدر ڏانهن موڪليندو،هن چيو ته نئين بل موجب چيف جسٽس ٽن سينئر ججن مان هڪ جج چيف جسٽس ٿيندو ۽ عهدي جي مدت 3 سال هوندي، تجويز ڪيل بل موجب جوڊيشل ڪميشن چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي چئن سينيئر ججن تي مشتمل هوندو.جڊيشل ڪميشن ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جا 2،2 ميمبر به شامل هوندا، جڊيشل ڪميشن کي آئيني بينچ ٺاهڻ جو اختيار هوندو.هن چيو ته جڊيشل ڪميشن جي قيام لاءِ تجويز ڏني وئي آهي ته ان ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان، آئيني بئنچ جو پريزائيڊنگ جج، سپريم ڪورٽ جا 3 سينيئر جج، قانون وارو وفاقي وزير، اٽارني جنرل آف پاڪستان شامل آهن. پاڪستان بار ڪائونسل جا 2 ميمبر گهٽ ۾ گهٽ 15 سالن جو تجربو رکندڙ هڪ وڪيل، حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ٻنهي ايوانن مان 2.2 ميمبر هن ڪميشن ۾ شامل ڪيا ويندا ۽ جيڪڏهن قومي اسيمبلي ٽوڙي ويندي آهي ته ان مان 2.2 ميمبر هوندا. حڪومت ۽ مخالف ڌر کي ڪميشن ۾ شامل ڪيو ويندو،قانون واري وزير چيو ته تجويز ڪيل ترميم ۾ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر کي اختيار ڏنو ويو آهي ته هو پارليامينٽ کان ٻاهر ڪنهن عورت يا اقليتي ميمبر کي جوڊيشل ڪميشن ۾ ٽيڪنوڪريٽ جي اهليت تي پورو لهي.هن چيو ته جڊيشل ڪميشن کي اختيار ڏنو ويو آهي ته هو پنهنجي ضابطن ذريعي برابري جو معيار مقرر ڪري، جنهن ذريعي ججن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي سگهجي ۽ جيڪڏهن ڪنهن جج جي ڪارڪردگي ۽ صلاحيت بابت ڪو مسئلو هجي ته ان حوالي سان سپريم ڪورٽ ڪائونسل کي خبر پئجي سگھي ٿي اسين ازخود نوٽيس جي ڪاروائي جو اختيار سپريم ڪورٽ جو ختم ڪري آئيني بينچ کي ڏيون ٿا. هن چيو ته ٽن ججن جي پينل مان چيف جسٽس نامزد ڪرن جو اختيار 12 رڪني پارليماني ڪميٽي جنهن ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن کي برابر جي نمائندگي ملندي. هن چيو ته آئيني بينچون اسلام آباد ۽ چئني هاءِ ڪورٽس ۾ به آئيني بينچون جڙنديون. علي ظفر چيو ته ميمبرن کي اغوا ڪري زبردستي ووٽ وٺڻ جمهوريت ناهي. هن چيو ته باني پي ٽي آءِ جي منظوري کانسواءِ ڪنهن ترميم جي حمايت نه ڪنداسين. شير رحمان چيو ته پيپلزپارٽي آئيني ترميم تي اتفاق راءِ لاءِ پيپلز پارٽي قائدانه ڪردار ادا ڪيو آهي. ايمل ولي خان چيو ته هن ترميم ذريعي لاهوري گروپ جيڪي سس جي چوڻ تي فيصلا ڪندا هئا انهن جو رستو روڪيو ويندو. هن چيو ته ثاقب نثار، گلزار ۽ کوسي جهڙن ججن جو رستو بند ٿيندو، جسٽس فائز عيسيٰ جهڙا جج ايندا.

پهنجو تبصرو موڪليو