اسلام آباد: (بيورو رپورٽ ) حڪومت ۽ آءِ ايم ايف ۾ نئين آٽو سيڪٽر پاليسي تي اتفاق ٿي ويو آهي، جنهن کي حڪومت هن مهيني آخري شڪل ڏيندي ۽ منظوري لاءِ آءِ ايم ايف ڏانهن موڪليندي.
دستاويز موجب، نئين آٽو پاليسي ايندڙ مهيني وفاقي ڪابينا ۾ منظوري لاءِ پيش ڪئي ويندي. پاليسي موجب، اضافي ڪسٽم ڊيوٽي ۽ ريگيوليٽري ڊيوٽي چار سالن اندر مڪمل طور تي ختم ڪئي ويندي. تنهن هوندي به، درآمد ٿيل گاڏين تي اضافي ڪسٽم ڊيوٽي ۽ ريگيوليٽري ڊيوٽي کي مرحليوار ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته 2030 تائين ڪسٽم ڊيوٽي جي شرح گهٽجي ويندي. ان قدم جو مقصد مجموعي ٽيرف کي گهٽائڻ ۽ درآمدي نظام کي وڌيڪ شفاف ۽ مقابلي وارو بڻائڻ آهي.
ذريعن موجب مالي سال 2027 کان پوءِ 7 سالن تائين پراڻيون گاڏيون درآمد ڪرڻ جي اجازت هوندي، جڏهن ته مالي سال 2027 کان هر سال اضافي ڊيوٽي ۾ بتدريج 10 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي ويندي.
ان کان علاوه، موٽر وهيڪل ڊولپمينٽ ايڪٽ پارليامينٽ طرفان منظور ڪيو ويندو ته جيئن مقامي پيداوار تي حفاظتي اپاءَ متعارف ڪرايا وڃن.










