لاهور(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم جي گهرواري بشريٰ بي بي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن عيد جي موڪلن ۾ عدالتي حڪم جي باوجود زمان پارڪ تي پوليس چڙهائي ڪئي ته قانوني ڪاروائي ڪنديس. هن وزيرعاظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي کي پنهنجي وڪيل اظهر صديق ذريعي 9 صفحن تي مشتمل خط لکي اهڙو چتاءُ ڏنو آهي. خط م چيو ويو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عيد جي موڪلن ۾ عمران خان جي گهر تي پوليس ڪاروائي کان منع ڪئي هئي. خط ۾ چيو ويو آهي ته عدالتي حڪم جي خلاف ورزي تي توهين عدالت جي ڪاروائي ڪئي ويندي.
مشهور خبرون










