اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)حڪومت بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ واڌ جي لاءِ نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) کي درخواست ڏئي ڇڏي آھي، مليل دستاويزن موجب بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ ھڪ رپيو 39 پئسا في يونٽ تائين واڌ جي درخواست ڪئي وئي آھي ۽ نيپرا وفاقي حڪومت جي درخواست تي 2 نومبر تي ٻڌڻي ڪندي. دستاويز موجب بجلي جي قيمت ۾ واڌ جي درخواست ڪي اليڪٽرڪ سوڌو پوري ملڪ جي صارفين لاءِ ڪئي وئي آھي، جڏھن تھ بجلي قيمتن ۾ اضافو لائف لائين وارن واھپيدارن تي لاڳو نھ ٿيندو. دستاويز موجب 200 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙ صارفين وڌايل بجلي قيمتن کان آجا ھوندا، ياد رھي تھ 15 آڪٽوبر تي وفاقي ڪابينا بجلي مھانگي ڪرڻ جي منظوري ڏني ھئي.










